اسلام آباد (ويب ڊيسڪ( پاڪستان، ڀارتي فوج طرفان سکن جي مقدس عبادتگاهه ” گولڊن ٽيمپل“ کي نشانو بڻائڻ جو الزام رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اسان ڀارتي فوج جي ان الزام کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا ته پاڪستان گولڊن ٽيمپل جهڙي مقدس عبادتگاهه کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ترجمان موجب، پاڪستان هڙني مذهبن جي عبادتگاهن وڏي عزت ۽ احترام ڪري ٿو ۽ اهڙي مقدس هنڌ کي نشانو بڻائڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته حقيقت اها آهي ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت پاڻ پاڪستان جي مختلف مذهبي هنڌن کي نشانو بڻايو ۽ پاڪستان تي لڳايل الزام ان مذمت جوڳي عمل تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سک مذهب جي مقدس هنڌن جو محافظ آهي، جتي هر سال هزارين سک ياتري اچن ٿا، جڏهن ته ڪرتاپور راهداري وسيلي سک ياترين کي ويزا فري رسائي پڻ ڏني وڃي ٿي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته اهڙي پسمنظر ۾ پاڪستان طرفان گولڊن ٽيمپل تي حملي جو ڪو به الزام بي بنياد، من گھڙت ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي.
واضح رهي ته 19 مئي تي ڀارتي فوج الزام مڙهيو هو ته ٻنهي ملڪن جي تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان ڊرونز ۽ ميزائيلن ذريعي امرتسر ۾ موجود سکن جي مذهبي هنڌ گولڊن ٽيمپل کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
گولڊن ٽيمپل کي نشانو بڻائڻ جو ڀارتي الزام رد، پاڪستان سکن جي عبادتگاهن جو محافظ آهي: پرڏيهي کاتو
You might also like