نوابشاھ/مٽياري(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام سان گڏ نوابشاھ ۽ مٽياري پهچي ويو، آصف رضا مگسي، رشيد ڏيٿو مسعود شاھ سميت وڏي قافلي سان گڏ نوابشاھ 60 ميل جسقم ضلعي نوابشاھ چيف آرگنائيزر شعبان ماٽي جي ڳوٺ پهچي ويو، ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار جسقم اڳواڻ جي ٻن پٽن کي جيل مان آزاد ٿيڻ تي ۽ مٽياري جي اڳواڻ سرجيل سالاريون ۽ ذوالفقار ڏيٿو تي داخل ڪوڙڻ ڪيسن مان ضمانت ٿيڻ تي اجرڪ ۽ لونگي جو تحفو ڏنو، ان موقعي تي مٽياري ۽ نوابشاھ سٺ ميل ۾ صنعان خان قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو درياھ تي ڪينال ٺاهڻ خلاف 8 مهينن کان مسلسل جسقم ڪارڪن جدوجهد جي عمل ۾ سرگرم رهيا آهن، تنهن ڪري سرڪار جسقم ڪارڪن کي هراسان ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا آهن، جيڪو عمل برداشت نه ڪنداسين، جسقم ڪارڪن ننڌڻڪا ناهن انهن سان سڄي سنڌ گڏ آهي، هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياھ مٿان ڪو به ڪينال ۽ ڊيم قبول ناهي.