سنڌ واسي ڪئنالن خلاف ڊگهي جدوجهد لاءِ تيار رهن:رياض چانڊيو

ڪراچي(پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ  جي ماڻھن کان جياپي جو ذريعو پاڻي به کسين پيا زمينون به کسين پيا ٽوئر ازم قديمي ماڳ ۽ معدني وسيلا کسجن پيا هي سڀ تياريون ڪيون ويون آھن ترقي جي نالي تي هي سڀ  ڌرتي لاءِ تباهي جا منصوبا آھن جيڪي اسان کي قبول ناهن هن چيو ته  ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينون کسڻ جبر جي بنياد تي ڪئنال ڪڍڻ ظلم جي انتها آھي سنڌ جا ماڻھون ان جبر ۽ ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ جي ڊگهي تاريخ رکن ٿا تنهنڪري اسان انهن منصوبن خلاف سنڌ جي ماڻھن وٽ وينداسين حڪمرانن جي ظلم خلاف ڊگهي جدوجهد ڪنداسين سنڌ جا ماڻھو  تيار رهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.