اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف سان گڏ سيالڪوٽ ۾ پسرور ڇانوڻي جي دوري دوران فوجي جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته ”اوهان هن جنگ ۾ ڀارت کان 1971 جو بدلو وٺي ڇڏيو آهي“، ڀارت جي وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”مسٽر مودي، جيڪڏهن ٻيهر هي رستو اختيار ڪيو ته منهن جي کائڻي پوندي، جيڪڏهن ٻيهر حملي جو سوچيو ته جيڪو بچيل آهي، اهو به ختم ٿي ويندو“، هن وڌيڪ چيو ته ”سنڌ طاس معاهدي بابت سوچڻ جي به جرئت نه ڪجان“ ۽ اهو پڻ واضح ڪيو ته ڪشمير سميت سڀني معاملن تي جامع ڳالهين جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو آهي ته تاريخ هميشه ان ڳالهه کي ياد رکندي ته ڪيئن ڪجهه ڪلاڪن اندر پاڪستان جي محافظن ڀارت جي بنا سبب ڪيل جارحيت جو بي مثال درستگي ۽ عزم سان منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان جنگ ۽ امن ٻنهي لاءِ تيار آهي، وڌيڪ ڀارت جي مرضي آهي، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر جارحيت ڪئي ته اهڙو جواب ڏنو ويندو جو هن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو، ڀارت وٽ باقي جيڪو ڪجهه بچيو آهي اهو به ختم ٿي ويندو، پسرور ڇانوڻي جي دوري دوران فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جي عسڪري قيادت ۽ بهادر سپوت قوم جو فخر آهن، قوم جي غير متزلزل عزم سان مضبوط پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج وطن جو بهادري سان دفاع ڪيو ۽ دشمن جي بزدلاڻي جارحيت کي فيصلائتو ڌڪ ڏنو، پاڪ فوج کي دشمن خلاف وڏي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿو، هن جو چوڻ هو ته اسان جي شاهينن دشمن کي جيڪا ضرب لڳائي، اها ڪا معمولي ڪارڪردگي ناهي، هن ڪاميابي سان پاڪستان جي دوست ملڪن جو به حوصلو بلند ٿيو آهي، هاڻي پاڪستان کي روايتي جنگ ۾ پوئتي ڇڏڻ واريون ڀارتي دعوائون خاڪ ۾ ملي ويون آهن، شهباز شريف چيو ته اڄ دنيا پاڪستان جي عسڪري صلاحيتن کي تسليم ڪري ٿي، پاڪستان امن جو داعي آهي، امن چاهي ٿو، پر اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر جارحيت ڪئي ته اهڙو جواب ڏنو ويندو جو هن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو، فرنٽ لائن تي آفيسرن ۽ بهادر جوانن سان ڳالهائيندي، وزيراعظم انهن جي بلند حوصلن، غير معمولي پيشوراڻي مهارتن ۽ غير متزلزل تياري جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان پنهنجي بهادر پٽن تي بي پناھه فخر ڪندو آهي، اهي قوم جي اکين جا تارا آهن، اسان جا شهيد هميشه اسان جو فخر رهيا آهن ۽ قوم هميشه انهن جي مقروض رهندي، هن چيو ته معصوم شهرين خلاف کلي جارحيت جي نتيجي ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جون شهادتون ٿيون ۽ انهن معصومن کي دهشتگرد چوڻ انتهائي شرمناڪ آهي ۽ اهو سڀ بين الاقوامي قانونن، اصولن ۽ اخلاقيات خلاف آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي غير جانبداراڻي جاچ جي آڇ باوجود، ڀارت ڄاڻي واڻي ان کان ڀڳو، ڇاڪاڻ ته ان وٽ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه هو، آءِ ايس پي آر موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاعي وزير خواجا آصف، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، وفاقي وزير احسن اقبال، عطا الله تارڙ ۽ ڪور ڪمانڊر سيالڪوٽ به وزيراعظم سان گڏ هئا، دوري دوران وزيراعظم کي جنگ جي انعقاد ۽ ڪور جي موجوده آپريشنل تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستاني فضائيه ۽ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ايئر بيسز ۽ نيول بيسز جو دورو پڻ ڪندو.