نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي وزير ۽ ڀارتيه جنتا پارٽي جو ميمبر وجي شاهه ڀارتي بري فوج جي ڪرنل صوفيه قريشي بابت پنهنجي بيان تي ڏهه ڀيرا معافي وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، سخت تنقيد کان پوءِ وجي شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪاوڙ ۾ منهنجي وات مان ڪجهه نڪري ويو ۽ ڪنهن کي خراب لڳو ته مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته مان خدا نه پر انسان آهيان، ڏهه ڀيرا معافي وٺان ٿو، سومر ڏينهن اندور شهر ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وجي شاهه پاڪستان ۾ شدت پسندن جي مبينا ٺڪاڻن تي ڀارت جي ڪارروائي بابت تبصرو ڪندي چيو ته "جن ماڻهن اسان جي ڌيئرن جا سندور اُجاڙيا، اسان انهن ئي جي ڀيڻ موڪلي انهن کي سبق سيکاريو، وجي شاهه جو اشارو مسلمان خاتون آفيسر ڪرنل صوفيه قريشي ڏانهن هو، جنهن تي ڀارتي پارليامينٽ جي ميمبر رئيس شيخ سخت تنقيد ڪندي ’ايڪس‘ تي لکيو ته بي جي پي جي اڳواڻ ڪرنل صوفيه قريشي کي دهشتگردن جي برادري جي ڀيڻ قرار ڏنو. هي رڳو زبان جي لغزش نه پر نفرت ۽ فرقيواراڻو زهر آهي، ڀارت ۾ سينٽر فار سوشل ريسرچ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رنجنا ڪمارِي لکيو ته "هڪ وزير پاران ڪرنل صوفيه قريشي جهڙي اعزاز يافته فوجي آفيسر جي توهين صرف بدتميزي ناهي، پر اها غداري جي برابر آهي، بي جي پي کي وجي شاهه جي پارٽي ميمبرشپ ختم ڪرڻ گهرجي، روشن راءِ نالي هڪ صارف لکيو ته، "ڪرنَل قريشي ڀارت جو نالو فخر سان بلند ڪيو ۽ شيهڻ وانگر ڀارت لاءِ وڙهي، پرتاپ نالي هڪ صارف لکيو ته "وجي شاهه جو بيان بي جي پي جي مسلم مخالف نفرت کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪڏهن هو ڪرنل قريشي جي واکاڻ نٿا ڪري سگهن ته کين پنهنجو زهر اندر ئي اندر ڳهي ڇڏڻ گهرجي ها، ڀارت جي مخالف ڌر جي جماعت ڪانگريس جي صدر مليڪارجن گهرگي جو چوڻ آهي ته "بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي ذهنيت هميشه کان ئي عورت مخالف رهي آهي.