اسلام آباد(شيراز پراچا)پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپا هميشه کان تڪراري رهيا آهن، تازن ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن دوران ڊرون ٽيڪنالاجي، سيٽلائيٽ، ۽ جديد جاسوسي نظامن جو استعمال ڪيو ويو.هاڻوڪي دور جي جنگون روايتي طريقي سان نه پر جديد ٽيڪنالاجي ذريعي وڙهيون پيون وڃن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اها ٽيڪنالاجي، جيڪا انساني فلاح، تعليم، صحت ۽ صنعت لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي، سا انسان جي تباھي لاءِ هٿيار بڻجي رهي آهي.پاڪستان ڀارت کان فضائي مقابلي ۾ برتري حاصل ڪئي، جيڪا جديد ٽيڪنالاجي، چين ۽ ترڪي جي مدد، ۽ بهترين تربيت سبب ممڪن ٿي. پر سوال هي آهي ته ڇا اها ٽيڪنيڪي ترقي انسانيت جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي يا ان جي بربادي لاءِ؟ٻئي ملڪ پنهنجيوسيلن کي هٿيارن بدران عوامي فلاح لاءِ استعمال ڪن. ڀارت، جيڪو دنيا جي پنجين وڏي معيشت بڻجي چڪو آهي، اڃا تائين پنهنجي اندروني ترقي جي لحاظ کان ڪيترن ئي علائقن ۾ پسماندگي جو شڪار آهي. ساڳي ريت پاڪستان کي به پنهنجي اقتصادي استحڪام، تعليمي نظام، صحت ۽ بنيادي ڍانچن جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر وڏي حصي جو بجيٽ دفاع تي خرچ ٿيڻ سبب ترقي جو عمل سست آهي.تجزيه نگارن تجويز ڏني ته پاڪستان ۽ ڀارت کي اقوام متحده جي سرواڻي ۾ يا علائقائي سطح تي هڪ غيرجانبدار تحقيقاتي ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪا ڪنهن به دهشگرد حملي جي جاچ ڪري، ۽ ٻنهي ملڪن کي ثبوت جي بنياد تي رپورٽ مهيا ڪري. اهڙي قدم سان الزام تراشي بند ٿي سگهي ٿي ۽ اعتماد جي بحالي جو رستو هموار ٿي سگهي ٿو.تجزيي نگارن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجي جو غلط استعمال جاري رهيو ته ان جا نتيجا ننڍي کنڊ جي لڳ ڀڳ 2 ارب انسانن لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. هن وقت ضرورت آهي ته ٽيڪنالاجي کي جنگ بدران امن، ترقي، ۽ انسانيت جي بهتري لاءِ استعمال ڪيو وڃي.ڪشمير مسئلي تي به ڀارت کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي،انتهاپسندي جي سوچ کي رد ڪرڻو پوندو ۽ هڪ اعتدال پسند، ترقي پسند معاشرو ٺاهڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻا پوندا.انتهائي ضروري آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جنگي ماحول ختم ڪري ۽ ٽيڪنالاجي کي انسانن جي خدمت لاءِ استعمال ڪرڻ جي رٿابندي ڪن.