خيرپور ۾ ڌاڙيل راڄ، 12 ڄڻا اغوا، مقابلي ۾ آزاد ڪرڻ جي دعويٰ، ڊيل جا چوٻول

 سکر/خيرپور/پريالو (نمائندا) خيرپور ۽ سکر پوليس جي گڏيل ڪارروائي: اغوا ٿيل 12 مغوي بازياب ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪامياب خيرپور ۽ سکر پوليس جي گڏيل آپريشن دوران رات جو اغوا ڪيل 12 مغوي صحيح سلامت بازياب ڪرائي ڇڏيا ويا سنڌ جي بدنام زمانه ڏوهاري رحيم بخش ڦلپوٽو عرف ريحمو ڦلپوٽو پنهنجي مطالبن مڃرائڻ لاءِ 25 کان وڌيڪ هٿياربندن سان گڏ خيرپور جي ڳوٺ شاهه لڌاڻي ڳوٺ گڙهي پٺاڻ ۽ ٻٻرلوءَ وارن علائقن تي حملو ڪري اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات فيصل چنا، مجاهد علي چنا، نديم چنا، احسان چنا، شاهزيب سميت 9 ماڻهن کي اغوا ڪيو ان کان سواءِ، سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حدن ۾ اچي ايندڙ ڳوٺ بچل شاهه مان به سجاد سولنگي فيروز سولنگي ۽ گوهر سولنگي کي اغوا ڪري سنڌو درياءُ جي ڪچي واري علائقي ڏانهن وٺي ويا. اغوا ڪندڙن مغوين سان گڏ هڪ وڊيو وائرل ڪري ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي کي ڌمڪي ڏني ته سندن گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مغوين کي قتل ڪيو ويندو ان واقعي بابت ڄاڻ ملڻ شرط خيرپور ۽ سکر پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. سکر پوليس باگڙجي جي ڪچي علائقي ۾ آپريشن شروع ڪيو جنهن دوران ٻنهي ضلعن مان اغوا ڪيل 12 مغوي بازياب ڪرايا ويا ان حوالي سان ٻنهي ضلعن جي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مغوين کي سندن ڪارروائي ذريعي بازياب ڪرايو ويو ان سلسلي ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سکر ۽ خيرپور مان اغوا ٿيندڙ 12 ماڻهن جي 6 ڪلاڪن اندر بازيابي تي پوليس جي بروقت ڪارروائي جي واکاڻ ڪندي ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي سکر ۽ خيرپور جي ٽيمن کي بهادري ۽ بهتر ڪارڪردگي تي شاباس ڏني.  ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس جي ان ڪارروائي تي شاباس ڏيندي حڪم ڏنو آهي ته ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رکيو وڃي . ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوين جي بازيابي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڊيل تحت ٿي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.