ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي بيورو آف سپلاءِ پرائيسز کاتي طرفان شهرين کي ڊيبٽ يا ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ادائيگي جي سهولت نه ڏيندڙ ريسٽورنٽن، شاپنگ مالز، ڪيفي شاپس ۽ برياني سينٽرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ ڪنزيومر پروٽيڪشن اٿارٽي، هن مهم تحت، ڪلفٽن جي مشهور ريسٽورنٽن – ڪراچي بروسٽ، فرنٽيئر، بيٺڪ، نهاري ان، ۽ ديسي ڊيره – کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
انهن واپاري ادارن تي سنڌ ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي، جنهن تحت صارفين کي ادائيگي جا متبادل طريقا مهيا ڪرڻ لازمي آهي.
ڊائريڪٽر جنرل زاهد حسين شر پنهنجي بيان ۾ چتاءُ ڏنو آهي ته اهڙن سڀني واپاري ادارن خلاف، جيڪي ڊجيٽل ادائيگي جي سهولت فراهم نه ٿا ڪن، سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
هن چيو ته اٿارٽي کي شهرين جي شڪايتن جي بنياد تي، سيڪشن 23(4) تحت نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
ڊي جي زاهد حسين موجب، ان معاملي تي باظابطا انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي ۽ صارفين جي حقن جي تحفظ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي.
اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مير شاهنواز واپاري ادارن کي سخت هدايت ڪئي آهي ته اهي فوري طور تي ڊجيٽل ادائيگي بابت پابندي کي ختم ڪن ۽ ذاتي يا بااختيار نمائندي جي ذريعي اٿارٽي جي آفيس ۾ پيش ٿي نوٽيس جو جواب جمع ڪرائن.
سنڌ حڪومت طرفان واپاري ادارن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته صارفين کي ادائگي جا مختلف آپشن فراهم ڪرڻ سندن ذميواري آهي ۽ ان معاملي ۾ ڪا به غفلت يا قانون جي ڀڃڪڙي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي.
سنڌ حڪومت پاران ريسٽورنٽن، شاپنگ مالز ۽ برياني سينٽرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو
You might also like