ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ کي فلائيٽ آپريشن لاءِ رات 12 هين وڳي تائين بند ڪيو ويو آهي.
نئين نوٽم موجب، ڪراچي جي فلائيٽ آپريشن جي بندش جو دورانيو رات 12 هين وڳي تائين وڌايو ويو آهي.
ايئرپورٽ اختيارين موجب، ڪراچي هوائي اڏي جي بندش جو دورانيو وڌيڪ 6 ڪلاڪن وڌايو ويو آهي، آپريشنل سببن جي بنياد تي ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف صبح 11 هين وڳي بند ڪيو ويو هو.
قطر، جزيره ايئر، عربيه ۽ فلاءِ دبئي جي اُڏام 10 ڪلاڪن کان روانگي جي اوسيئڙي ۾ آهن، ايئرپورٽ جي بندش سبب ڪراچي جون 43 جڏهن ته 65 پرڏيهي اُڏامون غيريقيني صورتحال جو شڪار آهن.
You might also like