ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٽنڊوالهيار ۾ حيدر شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي جي ريلي

ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ٽنڊيالهيار ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي هائوس کان ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي مختلف نعرا لکيل هئا، ريلي شهر جي مختلف هنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي. پريس ڪلب آڏو احتجاج بعد اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪري رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، هنن چيو ته سنڌ جي وسيلن زمينن تي فقط سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي پر موجوده سنڌ سرڪار سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي سنڌ جو سودو ڪري رهي آهي، پر هاڻ سنڌ جي عوام سڄاڳ ٿي چڪو آهي، سنڌ واسين جيئن ڪينالن واري مامري تي هڪ ٿي ڪري ھن سنڌ دشمن منصوبي کي رد ڪرايو، ايئن سنڌ جو عوام ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف به سراپا احتجاج آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪڏهن به سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ نه ڏيندي، انهي موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ مالڪ دائوداڻي ۽ ٻيا پڻ گڏ ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.