ڪراچي(رپورٽر)اورنگي ٽائون گلشن ضياءَ جي يو سي چيئرمين عامر ڀاشاني عرف عامر ڀٽو جي قتل نه رڳو مقامي سياست پر پوليس ۽ عدالتي نظام تي به ڪيترائي ڳڻتي جوڳا سوال اٿاري ڇڏيا آهن. مقتولجي والد جي فرياد تي ٿاڻي پاڪستان بازار ۾ ڪيس نمبر 188/2025 تحت دفعي 302/34 rw7 ATA داخل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ٿيندڙ واڌاري سان معاملو وڌيڪ حساس بڻجي ويو آهي. قتل جي ٻئي ڏينهن ئي اکين ڏٺي شاهد ميڊيا تي بيان ڏنو ته ٽي نوجوان چيئرمين جي ڪيمپ آفيس آيا، عامر ڀاشاني انهن سان هٿ ملايو ۽ مونکي پاڻي آڻڻ لاءِ چيو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ انهن ماڻهن فائرنگ ڪري چيئرمين کي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا. پنج ڏينهن پوءِ، 22 اپريل تي، پاڪستان بازار پوليس رابطي آفيس جي انچارج شهباز ۽ سندس ساٿي شهزاد کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو. هن جبري گمشدگي خلاف شهباز جي ماءُ 25 اپريل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سي پي نمبر 1662/2025 داخل ڪئي، جنهن تي عدالت 28 اپريل جا نوٽيس جاري ڪيا. ذريعن موجب، ايس ايس پي ويسٽ طارق الهي مستوئي ۽ ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ جي حڪمن تي شهباز کي خدا جي بستي پوليس چوڪي جي انچارج اي ايس آءِ نعمان شيخ حوالي ڪيو ويو، جتي ايم پي اي اورنگي ٽائون علي جان جي هدايت تي شهباز تي سخت تشدد ڪيو ويو. رپورٽن موجب، سندس ننهن به ڇڪيا ويا. کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين اذيت ڏني وئي ۽ بار بار چيو ويو ته قتل ۾ مخبري جو اعتراف ڪري، نه ته کيس جعلي مقابلي ۾ ماري ڇڏينداسين. 29 اپريل تي پوليس شهباز جي هڪ وڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ زبردستي مڃرايو ويو ته سندس اطلاع تي علي شاه، حماد صديقي ۽ شهزاد اجرتي قاتلن جي ذريعي چيئرمين کي قتل ڪرايو. وڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ علي شاه ۽ حماد صديقي نامعلوم هنڌ تان قرآن تي هٿ رکي بيگناهي جي قسم کنئي ۽ چيو ته سندن هن قتل سان ڪو واسطو ناهي. 30 اپريل تي جڏهن شهباز کي دهشتگردي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته جج سندس خراب جسماني حالت ڏسي فوري ميڊيڪل چيڪ اپ جو حڪم ڏنو. ان کان علاوه، ٿاڻي پيرآباد ۾ داخل ڪيس نمبر 1/23 جي بنياد تي کيس ضلعي ويسٽ جي عدالت ۾ به پيش ڪيو ويو. هن وقت، شهباز ٿاڻي پيرآباد جي حراست ۾ آهي، جڏهن ته سندس ماءُ سيده سلطان، آءِ جي سنڌ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان اپيل ڪئي آهي ته ايم پي اي علي جان، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ، ايس ايس پي طارق مستوئي ۽ اي ايس آءِ نعمان شيخ خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.