پٿورو(ن ع آ)جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري چيو آهي ته ڊيمن جو مسئلو هجي يا ٻيو ڪجهه جسقم سدائين اڳيان رهي آهي. پارٽي جي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنا ۽ ساجن آريسر سان گڏ پٿورو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جسقم چيئرمين چيو ته چوٿين دنيا جي مفڪر عبدالواحد آريسر جي ڏھين ورسي سندس ڳوٺ انڙ آباد ۾ اڄ (3 مئي 2025) تي ملھائي ويندي. ان سلسلي ۾ رابطا مھم ۽ ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ لاءٔ پٿورو آيو آھيان، ھن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو ھجي يا ڪئنالن جو ھجي يا ٻيو ڪو به مسئلو ھجي ان ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ھميشا ميدان ۾ رھي آھي ڪئنالن جي رد ٿيڻ جي نوٽيفڪيشن ۽ ٻٻرلو ڌرڻي جي ڪريڊٽ جي حوالي سان صحافين پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ اسلم خيرپوري چيو ته سنڌ جي خلاف ڪو به مسئلو ھجي يا ڪو به منصوبو وري شروع ڪيو ويو ته اسان وري رستن تي ھونداسين ڌرڻي جي شروعات وڪيل دوستن ڪئي جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ سنڌي ماڻھو شريڪ ٿيا. ان موقعي تي اعجاز علي آريسر، گل منير راڄڙ، مبارڪ آريسر، ساجن آريسر، عبداالله بنگلاڻي، اظھر آريسر ـ حڪيم نور آريسر سميت ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا.