ملير / گڏاپ / خيرپور (نمائندا) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ويجهو لنڪ روڊ سمندري بابا موڙ لڳ بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هنڱورجا واسي ماءُ ۽ پٽ سميت 5 ڄڻا فوت۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعو مسافر ڪوچ شڪارپور کان ڪراچي اچي رھي ھئي تھ ٻن بسن جي تيز رفتاري واري مقابلي جي نتيجي ۾ ھڪ بس ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ پير ڳوٺ واسي 59 ورھين جي عبدالغفور ميمڻ پٽ محمد اسماعيل، 25 ورھين جي غلام فريد پٽ ياسين، 35 ورھين جي خاتون ڪوثر زال سعيد، هنڱورجا واسي ماءُ ۽ پٽ 30 ورھين جو غلام سرور پٽ محمد علي ۽ 60 ورھين جي پناھ خاتون زال محمد علي فوت ٿي ويا، جڏھن تھ مسافر ڪوچ ۾ زخمين ۾ عبدالغني پٽ غلام حيدر، محمد افضل پٽ محمد اشرف، ضمير حسين پٽ رزاق ملاح، خاتون سرداران زال ڪريم بخش، سنگھار علي پٽ ڪلري، ڪاشف خان پٽ ناصر خان، پري زادي زال ناصر خان، بختاور، ڪاشف، غلام سرور، نواز علي، ٻارڙي مصباح، اويس، بس ڪنڊيڪٽر سجاد شامل آهن، فوتين جا لاش جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ڊاڪٽر امجد ميمڻ جنھن جو والد عبدالغفور ھن بس حادثي ۾ فوت ٿيو، تنھن ٻڌايو تھ اسان مسافرن ڪوچ ڊرائيور کي ڪيترائي دفعا تيز رفتاري کان منع ڪئي پر ھو باز نھ آيو ۽ لنڪ روڊ تي اوچتو اسان جي بس آڏو ڪا رڪاوٽ اچي وئي جنھن سبب بس ڪلٽي ٿي پئي جنھن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون، ھن ٻڌايو تھ منھنجو والد عبدالغفور ميمڻ شھيد ٿي ويو جيڪو 5 مئي تي حج جي سعادت تي وڃڻ لاءِ ڪراچي اچي رھيو ھو، فوتي عبدالغفور ميمڻ جو تعلق پاڪستان اسٽيل مل بحالي تحريڪ جي اڳواڻ اڪبر ميمڻ جو ڀيڻويو ۽ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن ملير جي جنرل سيڪريٽري ماجد ميمڻ جو والد ھو، سندس تدفين اڄ پيرجوڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ ٿيندي،