رڳو حڪومتي موقف جي حمايتي ادارن کي اشتهار ڏنا پيا وڃن: پي ايف يو جي

اسلام آباد (م ڊ) پريس فريڊم ڊي جي موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) پاران جاري ڪيل بيان ۾ حڪومت جي ڪارن قانونن ۽ صحافتي آزادي تي ٿيندڙ حملن جي سخت مذمتڪئي وئي.  پي ايف يو جي جي عبوري صدر خالد کوکر ۽ سيڪريٽري جنرل ارشد انصاري چيو ته وفاقي حڪومت پاران پيڪا ۽ پنجاب جي ڊيفيميشن قانون ذريعي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، جيڪي پريس آزادي لاءِ خطرو آهن. بيان ۾ الزام لڳايو ويو ته صحافين کي اغوا ڪرڻ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ، بينڪ اڪائونٽ بند ڪرڻ ۽ مالي دٻاءُ وجهڻ جا حربا استعمال ٿي رهيا آهن، جڏهن ته صحافتي تحفظ وارو قانون اڃا لاڳو ناهي ڪيو ويو. پي ايف يو جي دعويٰ ڪئي ته حڪومت سرڪاري اشتهار رڳو انهن ادارن کي ڏئي رهي آهي جيڪي حڪومتي موقف جي حمايت ڪن ٿا، جڏهن ته آزاد ادارن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. بيان موجب، گذريل سال ڇهه صحافي قتل ٿيا، ڪوئٽا پريس ڪلب بند ڪيو ويو ۽ بلوچستان، فاٽا ۽ خيبر پختونخوا ۾ صحافين کي غيرمعمولي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پي ايف يو جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عهد ورجايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.