ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڏهرڪي ۾ ريلي، پ پ ليز رد نه ڪئي ته حشر خراب ٿيندو: وسند ٿري

ڏهرڪي (رپورٽ: اجيت ڪمار) ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهن ڪئنالن، پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڏهرڪي ۾ عوامي ھوٽل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريليڪڍي وئي. احتجاجي ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن شمشاد ٻپڙ، پارس ڀٽي، ريحانا بلوچ، سيما ڪلوڙ، سورٺ ڀٽ، عوامي تحريڪ ضلعي گهوٽڪي جي اڳواڻن استاد جمال ڀٽو، معشوق چاچڙ، صدام اوڳاهي، ۽ ٻين ڪئي، پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻي کي خطاب عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سچل ڀٽي، سرواڻ جتوئي، شمشاد ٻپڙ ۽ ٻين چيو ته پنجاب جي حڪمرانن سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، انڊس ڊيلٽا سسٽم ۾ پاڻي وڏي مقدار ۾ موجود هئڻ باوجود سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪئنال سميت پنجاب ٻوڏن وارا واهه ۽ ڪئنال کوليا ويا آهن، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سر سبز سنڌ کي بنجر بڻايو ويو آهي، سنڌ کي 1991ع جي ٺاهه موجب به پاڻي نٿو ملي، پيپلز پارٽي سي سي آءِ جو ڍونگ رچائي سنڌو درياهه جو سودو ڪرڻ چاهي ٿي، سي سي آئي پنجاب جي هڪ هٺي وارو وفاق ۽ ملڪ دشمن ادارو آهي. سي سي آئي جي هر سنڌ دشمن فيصلي کي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندا، هنن چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ جو مسئلو اڃا تائين حل ناهي ٿيو، ڏيڍ صدي کان وٺي پنجاب جا حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن سنڌ ان جو حساب ڪتاب وٺندي، هنن چيو ته جيسين درياھ ۾ واري رهندي جنگ اسان جي جاري رهندي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪمپنين کي ڏني پئي وڃي، پيپلز پارٽي 52713 ايڪڙ زمين جي ليز رد ڪري ٻي صورت ۾ ڪئنالن خلاف تحريڪ ۾ جيڪو حشر ٿيو ان کان به بدتر ٿيندس، سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي ۽ درياهه جي تحفظ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين پر امن جمهوري جدوجهد جاري رکندو. اڳواڻ چيو ته هٿ وٺي ضلعي گهوٽڪي، ڪنڌ ڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي. ڪچي کي نيٽو جي هٿيارن جي وڪري جي منڊي بڻايو ويو آهي. پوليس ۽ چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جا سرپرست آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.