اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن نهال هاشمي ۽ راجا انصاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ تڪراري ڪينالن جومنصوبو هميشه لاءِ ختم ڪيو ويو آهي. نهال هاشمي موجب وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي صورتحال بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون ۽ وقت سر قدم کڻڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ويا. راجا انصاري ٻڌايو ته ڪجهه ادارن ۽ ڪمپنين پاران پاڻي منصوبن جون تجويزون ڏنيون ويون، پر پي ايم ايل (ن) سنڌ جي عوام جي راءِ جو احترام ڪندي منصوبو واپس ورتو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سي سي آءِ اجلاس ۾ نواز ليگ ميمبرن سنڌ جي راءِ جي آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. هنن درياهه بچايو ڪميٽي ۽ پي ٽي آءِ کي منافق قرار ڏيندي چيو ته هڪ پاسي اهي فيصلو غيرآئيني چون ٿا ته ٻئي طرف ڪي پي جو وڏو وزير سي سي آءِ ۾ ساڳئي فيصلي تي صحيحون ڪري ٿو. هن چيو ته هو جلد سنڌ جي ڳوٺن جو دورو ڪري قومپرست ۽ وڪيل تنظيمن سان ملاقاتون ڪندا.