آرمي چيف عالمي پليٽ فارمن تي ڀارتي چينل ۽ يو آر ايلز بلاڪ ڪرائي ڇڏيا: فيصل واوڊا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير بين الاقوامي معاهدن کانسواءِ ڀارتي چينلن۽ يو آر ايلز انٽرنيشنل پليٽ فارمز تي بلاڪ ڪرائي ڇڏيا. فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت کي هر موقعي ۽ هر محاذ تي منهن ٽوڙ جواب ڏيندو . سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي لنڪس هڪ ٻئي پٺيان عالمي سطح تي بند ٿينديون پيون وڃن، جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير پهرئين مرحلي ۾ ئي ڀارتي ويب سائيٽون بلاڪ ڪرائي ڇڏيون هيون. فيصل واوڊا موجب، جيڪو ڪم ڪو نه ڪري سگهيو اِهو آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪري ڏيکاريو آهي.

  1. واپاري خسارو ۽ درآمدات ۾ اضافو، برآمدات ۾ رڪارڊ گهٽتائي

اسلام آباد( بيورو+م ڊ)ملڪ جو واپاري خسارو اپريل ۾ ماهوار بنيادن تي 55.20 سيڪڙو مان وڌي ڪري 3 ارب 38 ڪروڙ 80 لک ڊالر ٿي ويو، جڏهن ته برآمدات 19.05 سيڪڙو گهٽجي 2 ارب 14 ڪروڙ 10 لک ڊالر ٿي ويو آهي،وفاقي شماريات بيورو پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، جولاءِ 2024 ۽ اپريل 2025 جي وچ ۾ واپاري خسارو 8.81 سيڪڙو وڌي 21 ارب 35 ڪروڙ ڊالر  کان وڌي ويو، جڏهن ته اپريل ۾ سالياني بنيادن تي واپاري خسارو 35.79 سيڪڙو وڌيو، شماريات واري بيورو موجب اپريل ۾ برآمدات ۾ ماهوار بنيادن تي 19.05 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته برآمدات سالياني بنيادن تي 8.93 سيڪڙو گهٽجي 2 ارب 14 ڪروڙ 10 لک ڊالر ٿي ويون.

  1. منشيات ڪيس ۾ گرفتار ساحر حسن جي ضمانت منظور

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾موجود آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ اداڪار ساجد حسن جي پٽ ساحر حسن جي 10 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي،جوابدار جي وڪيل جو چوڻ هو ته ساحر حسن گذريل ٻن مهينن کان جيل ۾آهي، ياد رهي ته هن جي قبضي مان  557گرام منشيات ملي هئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.