ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گذريل سيشن جي شديد ٻاڙائي کان پوءِ گذريل ڏينهن شاندار تيزي ڏسڻ ۾ آئي، ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي 2787 پوائنٽن جو شاندار اضافو ٿيو، جمعي ڏينهن، ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن، صبح 10 وڳي 46 منٽن تي بينچ مارڪ هندرڊ انڊيڪس 2787 پوائنٽن جي واڌ سان هڪ لک 14 هزار 113 پوائنٽن تي پهچي ويو، گذريل ڏينهن 12 وڳي پهرين سيشن جي پڄاڻيءَ تي بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 13 هزار 954 پوائنٽن تي موجود هو، جمعي نماز کان پوءِ جڏهن مارڪيٽ جون سرگرميون ٻيهر شروع ٿيون ته ٻيهر شاندار تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ 2 لڳي 52 منٽن تي انڊيڪس 3220 پوائنٽن يا 2.83 سيڪڙو اضافي سان هڪ لک 14 هزار 546 پوائنٽن تائين پهچي ويو، ڪاروبار جي پڄاڻيءَ تي 100 انڊيڪس 2787 پوائنٽن يا 2.5 سيڪڙو واڌ سان هڪ لک 14 هزار 113 پوائنٽن تي بند ٿيو.