مزدور جي اجرت!

تحرير: پروفيسر مشتاق مهر

اي وقت جي حڪومت، ڪيڏو نه ظلم آھي

مزدور جي ھي اجرت ، ڪيڏو نه ظلم آھي

مزدور حسب سابق مسواڙ تي رھي ٿو

اي صاحب عدالت، ڪيڏو نه ظلم آھي

غربت آ رھندي آئي ، پر ايتري ڪٿي ھئي

ذلت آ اڄ جي غربت ،  ڪيڏو نه ظلم آھي

مزدور جو ڪفن ڀي اوڌر تي آھي ايندو

ڪيڏي نه آ ندامت ، ڪيڏو نه ظلم آھي

پورھيت ٻچا کپائي ، راشن خريد ڪن ٿا

ھي آ فلاحي رياست، ڪيڏو نه ظلم آھي

اڄ ڀي الاھي پورھيت، فٽ پات تي سمھن ٿا

رکي دل ۾ گھر جي  حسرت، ڪيڏو نه ظلم آھي

مزدور تنھنجي محنت، وڃي چنڊ تائين پھتي

سڌري  نه تنھنجي قسمت، ڪيڏو نه ظلم آھي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.