اسلام آباد( م ڊ) پاڪ فوج لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر کي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي کي ناڪام بڻائيندي ڪيرائي ڇڏيو، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀمبر واري علائقي مناور سيڪٽر ۾ دشمن ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي جاسوسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پاڪ فوج فوري ڪارروائي ڪندي دشمن جي هن ناپاڪ ارادي کي ناڪام بڻايو، سيڪيورٽي ذريعن موجب هيءُ واقعو پاڪ فوج جي هوشياري، پيشه ورانه مهارت ۽ دفاعي تياري جو واضح ثبوت آهي،