واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڏنو آهي ته پهلگام حملي کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب نه ڪئي وڃي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪشمير جي صورتحال تي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي سان رابطو ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي چيو پيو وڃي ته ڇڪتاڻ نه وڌايو.
هن چيو ته آمريڪا صورتحال تي نظر رکيو پيو اچي، ان معاملي تي زور تي بنياد تي قدم کنيا پيا وڃن، ڌرين کي چئي رهيا آهيون ته ذميواراڻو حل ڪڍو، ڇو ته دنيا اها صورتحال ڏسي رهي آهي.
You might also like