اسلام آباد(م ڊ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو هنگري جي پرڏيهي وزير پيٽر زجارتو سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران اسحاق ڊار ڀارت جي بي بنياد پروپيگنڊا کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان موجب، ان ڳالهه ٻولهه دوران اسحاق ڊار موجوده علائقائي صورتحال بابت هنگري جي وزير کي آگاهه ڪيو، هن اهو به واضع ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ بين الاقوامي قانونن جي واضح ڀڃڪڙي آهي ۽ پاڪستان هر حال ۾ پنهنجن قومي مفادن جو تحفظ ڪندو.