نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي ڪالهه اڱاري ڏينهن دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه، قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت دودل ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سان هڪ اهم ملاقات ڪئي، ڀارتي سرڪاري خابرو اداري پريس ٽرسٽ آف انڊيا موجب، دفاعي سربراهه جنرل انل چوهاڻ به ان اجلاس ۾ شريڪ هو، اجلاس ۾ پهلگام ۾ دهشتگرد حملي کان پوءِ ڀارت جي امڪاني جواب تي به غور ڪيو ويو، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته پهلگام حملي جي ردعمل ۾ طريقيڪار، حدف ۽ وقت جي تعين لاءِ هٿياربند فوجن کي مڪمل آپريشنل آزادي ڏني وئي آهي، هٿياربند فوجون ڀارت جي ردعمل لاءِ طريقيڪار، حدف ۽ وقت جو پاڻ تعين ڪنديون، مودي چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم متحد آهي ۽ انهن کي هٿياربند فوجن جي پيشورانه صلاحيتن تي مڪمل اعتماد آهي، واضح رهي ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير جي سياحتي هنڌ پهلگام ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 ماڻهو مارجي ويا هئا، جن مان اڪثر سياح هئا.