نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ مهراڻ هاءِ وي تي ٻيهر ڌرڻو

فيض گنج(رپورٽ: ظھير خاصخيلي) سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم پاران مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ٻيهر ڌرڻوهنيو ويو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ قائم ڪئمپ تي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن سميت عام ماڻهن  شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، صدام شر ساجد ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته هي تحريڪ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ڪئنالن ڪڍڻ سان سنڌ سڪي ويندي، هن تحريڪ کي طاقت جي زور تي ختم نٿو ڪري سگهي، پوليس تشدد فائرنگ ۽ شيلنگ اسان کي ڪجهه به نٿي ڪري سگهي، هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين ڪئنالن کي رد ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن جاري نٿو ٿئي ڌرڻو جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.