اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پهلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ ڀارت پاران حملي جو امڪان آهي، ڀارت پاران فوجي ڪارروائي ڪنهن به وقت ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ايٽمي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، پرڏيهي خابرو اداري رائيٽر کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته اسان پنهنجي تياري ڪري ڇڏي آهي، خطرو تمام ويجهو محسوس ڪري رهيا آهيون، اهڙين حالتن ۾ اهم فيصلا ڪرڻ ضروري آهن، جيڪي ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پاڪ فوج حڪومت کي ڀارتي حملي جي امڪان کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، حملي جي خطري سبب سرحدن تي فوجي سگهه وڌائي وئي آهي، پاڪستان ايٽمي هٿيار تڏهن استعمال ڪندو، جڏهن اسان جي وجود کي سڌي ريت خطرو هجي، ٻي پاسي هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي بيان جو غلط مطلب ڪڍيو ويو، مون جنگ جي ڳالهه نه ڪئي پر چيو ته ٽي چار ڏينهن اهم آهن، اسان تي جنگ مڙهي وئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين، اسان خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ ۽ گورنر کي افغانستان سان آزاد ڳالهين يا ڊيل جي اجازت نه ڏينداسين، دفاع ۽ پرڏيهي معاملن بابت آئيني طور تي بلڪل واضح آهي ته اهو وفاق جو اختيار آهي، ۽ قانوني و آئيني طور افغانستان سان ڳالهين جو اختيار صرف وفاق کي حاصل آهي، اهڙي عمل جي نه قانون اجازت ڏئي ٿو ۽ نه ئي آئيني طور ان جي ڪا گنجائش آهي، ڪو به شخص پنهنجي راءِ وفاق تي مڙهي نه ٿو سگهي.