اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته مسلم ليگ ن سان طئي ٿيو هو ته ڪئنالن جو منصوبو ختم ڪيو ويندو، ڀارت جيڪڏهن هٺ ڌرمي تي قائم رهي ٿو ته پاڪستان پڻ شملہ سميت سڀني معاهدن تي نظرثاني ڪري سگهي ٿو. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهه ٻول ڪندي بلاول چيو ته پاڪستان کي شملا معاهدو معطل نه ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ڀارت هٺ ڌرمي ڏيکاري ٿو ته سڀني ٻه طرفن معاهدن تي نظرثاني ٿي سگھي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڀارت دهشتگردي ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته واحد حل ڳالهه ٻولهه آهي. هن چيو ته غير رياستي عنصر ملڪ لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن ۽ انهن جو گڏيل بندوبست ڪرڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارت پهلگام واقعي جي اڻ ڌري انڪوائري تي رضا مند نٿو ٿئي ته ڀارت وائکو ٿي ويندو. هن چيو ته پهلگام حملي جي پاڪستان واضح طور تي مذمت ڪئي آهي، ڇو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي سان متاثر آهي. اسان صرف پنهنجي ملڪ مان نه پر پورا علائقو مان دهشتگردي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارت هر دهشتگردي جي واقعن جو فوري الزام پاڪستان تي لڳائي ڇڏيندو آهي، جيڪو ماضي ۾ به ڏٺو ويو آهي. بلاول ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي (واٽر ٽريٽي) تي هڪ طرفي قدمن کي غير قانوني ۽ خطرناڪ قرار ڏنو. هن چيو ته ڀارت اهو اعلان ڪيو آهي ته هو معاهدي کي تسليم نٿو ڪري، جڏهن ته ماضي ۾ جنگن جي باوجود اهڙا قدم نه کنيا ويا هئا. چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري زور ڏنو ته دهشتگردي جي مسئلي جو واحد حل ڳالهه ٻولهه آهي. وزيراعظم سان تازي ملاقات تي بلاول چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت کي واضح پيغام ڏنو آهي ته ڀارت جي قدمن تي اسان پنهنجي حڪومت سان گڏ آهيون. ڪئنال منصوبا رد ڪيا ويندا، اتفاق راءِ کان سواءِ ڪو منصوبو نه ٺهندو .صدر ٽرمپ بابت سوال تي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر ٽرمپ جو اهو بيان ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، دراصل پاڪستان جي پوئين موقف جي حمايت آهي.