ڪئنال ۽ گرين پاڪستان جهڙا منصوبا سنڌ جي قومي وجود خلاف آهن:زين شاهه

حيدرآباد ( رپورٽر)  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر سيد زين شاهه  چيو آهي ته  سنڌو درياءَ مان تڪراري ڇهه ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين انيشيٽو پاڪستان جهڙا منصوبا سنڌ جي قومي وجود خلاف آهن، سي سي آءِ جي اجلاس ۾ اگر مگر بجاء فيصلا سنڌ جي اعتراضن کي نظر ۾ رکي ڪيا وڃن . اسين زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهيون، سنڌ ۾ اٺن مهينن کان پرامن تحريڪ ھلندڙ آھي ۽ جاري رھندي اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالھ  حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته اسان جي هي جدوجهد درياءَ، ساحل،  وسائل ۽ زمين بچائڻ وارن  4 نقطن تي ٻڌل آهي.سي سي آءِ هجي، پارليامينٽ يا ڪينگرو ڪورٽون ڪنهن به فورم تي ڪوبه سنڌ دشمن فيصلو ٿيو ته اسين ان کي ڪونه مڃينداسين،هن چيو ته 8 جولاءِ 2024 تي صدر آصف علي زرداري گرين انيشيٽو پاڪستان منصوبي تحت تڪراري ڪئنالن واري منصوبي جي منظوري ڏني ھئي ڳجھي طرح اھڙين  رٿائن تي ڪم  ھلندڙ ھو  پر اهي سمورا منصوبا تڏهن چٽي ريت  منظر تي آيا جڏهن چيف آف آرمي اسٽاف ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چولستان ۾ گرين پاڪستان پراجيڪٽ جو افتتاح ڪيو،هن چيو ته چولستان ۽ چوبارا سميت ان نهري نظام تحت نڪرندڙ ڪئنال ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ پاڻي کڻندا. ھن چيو ته 1991 واري پاڻي جي ٺاھ تي به عمل نه ٿو ٿئي، سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي روزانو ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي مان 5 ھزار ڪيوسڪ پاڻي وڃڻ گھرجي پر ان جي ابتڙ رڳو 190 ڪيوسڪ پاڻي وڃي رھيو آھي. ھن چيو ته اسان وڪيلن جي جدوجھد ۾ شريڪ رھيا آھيون، ھن وقت ٻٻرلوءِ سميت سنڌ جي ڇھن کان وڌيڪ ھنڌن تي ڌرڻا لڳل آھن، انھن ڌرڻن بابت سي سي آءِ جي آيل فيصلي کانپوءِ آل سنڌ لائيرس ايڪشن ڪميٽي کي ئي فيصلو ڪرڻو آھي ته ھو ڌرڻا ختم ٿا ڪن يا جاري ٿا رکن. ھن چيو ته سنڌ گھر  ٿي ڪري  ته نه رڳو6 تڪراري ڪينالن واري رٿا کي سدائين لاءِ ختم ڪيو وڃي پر سنڌ جو اھو مطالبو آھي ته ارسا پاران جاري ڪيل پاڻي جو اجازت نامون به واپس ورتو وڃي. ھن چيو  ته   ايس آءِ ايف سي، وفاق، 18 ھين ترميم ۽ 73 جي آئين جي خلاف آھي، تنھن ڪري اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل کي  ختم ڪيو وڃي  ھن چيو  ته گرين انيشيٽو پاڪستان جي منصوبي ھيٺ ميرپورخاص، ڪراچي. ٺٺو، بدين سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ سرڪاري زمين جاگيردارن،رٽائرڊ آفيسرن،وڏيرن،سردارن، ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ڏني وئي آھي، وڏي وزير کي بنا دير الاٽ ٿيل اھا زمين رد ڪرڻ گھرجي، اسين سنڌ جي زمين تي والار ٿيڻ نه ڏينداسين.مائينز ۽ منرل تي چئني اڪاين ۾ ڳڻتي آھي، ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد زين شاھ چيو تھ راڻا ثناءُ الله رابطو ڪري چيو ھو ته وزير اعظم اوھان سان ملڻ گھري ٿو، اسين عوام ۾ موجود آھيون ۽ رھنداسين، جي کين ملاقات جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته ملن، اسان  ته عوام جي طاقت ۽ جدوجھد ۾ يقين رکون ٿا،ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ رمضان ٻرڙو،امير علي ٿيٻو ،نويد خواجه،اصغر قريشي ، منور خاصخيلي، غفار چانڊيو موجود ھئا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.