بدين/دمبالو/ٽنڊوغلام علي (رازق کوسو+پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان نئون دمبالو ۾ پريس ڪلب کان ڊگهڙي روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪري ڌرڻو هنيو ويو،ڌرڻي کانپوءِ ٽنڊو غلام علي پريس ڪلب تائين پڻ ريلي ڪئي وئي. جنھن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر مهراڻ درس،هميرو مل،سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ پاري ڪولهي،سورج، آدرش ڪولهي،رزاق بوزدار، سارنگ سنڌي،حبيب ڪلوئي،نواب احمداڻي، لالجي ڪولهي، اورنگزيب کوسو ۽ ٻين ڪئي،ريلي کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال سميت پنجاب جا سمورا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال بند ڪيا وڃن، هن وقت سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي. هوڏانهن ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو آهي ته سي سي آءِ ڪئنالن کي رد ناهي ڪيو، سنڌي قوم پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکي، ڪئنالن جو معاملو ٽريو ناهي وڌيڪ خطرناڪ بڻايو ويو آهي، هن چيو ته ڪئنال ٺاهڻ جو اختيار وري به سي سي آءِ کي ڏنو ويو آهي جتي پنجاب جي هڪ هٽي آهي، ايڪنيڪ طرفان نوان ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو رد ڪرڻ بدران واپس ايڪنڪ ۾ موڪليو ويو آهي، پاڻي موجودگي جا جعلي سرٽيفڪيٽ رد ڪرڻ بدران ارسا کي واپس موڪلي سنڌي قوم سان مذاق ڪيو ويو آهي، ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي به ختم ڪيو وڃي،عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت برقرار رکندي، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف (اڄ 29 اپريل تي) شام جو 4 وڳي ٽنڊو الهيار ۾ شاندار ريلي ڪئي ويندي،