سنڌي ميڊيا: درياءَ جي دانهن جو آواز\عامر نواز ورائچ ۽ رحمان ڪورائي کي سلام

جھڙيءَ طرح سنڌ جي جوڌن جوانن سنڌ جي عوام کي نڪرندڙ ڇھن ڪئنالن بابت سجاڳ ڪيو، اھڙيءَ طرح سنڌي ميڊيا به پنھنجو اھم تاريخي ڪردار ادا ڪيو آھي. اردو ميڊيا سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن جي جڏھن جھلڪ به نه ڏيکاري رھي ھئي، تڏھن سنڌ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن، ريلين ۽ ھڙتالن کي رپورٽ ڪري رھي ھئي. تيئن اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏوگڏ پرنٽ ميڊيا جو پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. جيئن ئي ڪئنالن وارو معامري جي شروعات ٿي آھي، تنھن وقت کان سنڌي ميڊيا سنڌي عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آھي. پنھنجي آواز، ڪئميرا ۽ قلم ذريعي عوام کي نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن بابت نه صرف سجاڳ ڪيو، پر ان معاملي کي هر گهر تائين پهچايو. چولستان ڪئنال جي رپورٽ ڪرڻ لاءِ به سنڌي ميڊيا اتي وڏين تڪليفن کي منھن ڏيندي اتي پھتي. اخبار جون مک سامھون وارو خاص پنو پاڻيءَ جي کوٽ بابت سجاڳي ۽ ان جي سبب پيش ايندڙ ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ خطرن جي باري ۾ سنڌي عوام کي آگاھي ڏئي رھيو آھي. اخبارن جو ايڊيٽوريل پنو به درياءَ، پاڻي، ڪئنال ۽ انھن جي ڄاڻ سان ڀرپور ڀريل نظر اچي ٿو. سنڌي ميڊيا پنھنجي محنتن ڪوششن سان اردو ميڊيا ۾ ھُر کُر پيدا ڪئي ۽ ھاڻي انھن چئنلن جون ھيڊلائنز پڻ ڪئنالن بابت معاملي کان شروع ٿين پيون. پر اردو ميڊيا صرف معاملي جي گھڻي ھائيلائيٽ ٿيڻ، سنڌي ميڊيا جي مڪمل ڪوريجن بعد مجبوريءَ ۾ خبرون ڏئي رھي آھي.

سنڌ ميڊيا ٻوليءَ، پاڻيءَ، ثقافتي ۽ قومي معاملن تي آواز اٿاريو آھي. سنڌ جا صحافي حقيقت سان ڀريل رپورٽ ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏين ٿا، ايستائين جو کين ڌمڪيون به ملن ٿيون ۽ ڪيترائي صحافي پنھنجيون جانيون قربان ڪيو ويٺا آھن. ميڊيا جي لاءِ به بارڊر لائينون آھن، مطلب جيڪا ٿوري گهڻي آزاديءَ آھي اھا به حدن جي اندر آھي. پوءِ به سنڌي ميڊيا ٻٻرلوءِ ھجي يا ڄامشورو ھجي يا سڪرنڊ ھجي يا ٽنڊو محمد خان ھجي يا ٺٽو يا سنڌ جي ڪھڙي ڪھڙي شھر جي ڳالهه ڪجي، ڪھڙي علائقي جي ڳالهھ ڪجي، ھر ھنڌ رپورٽ ڪندي نظر آئي آھي. ميڊيا جي خبر صرف خبر ناھي، پر ٻڌندڙن ۽ پڙھندڙن جي سوچ تي وڏو گھرو اثر ڇڏي ٿي. اها ھڪ اثرائتي طاقت آهي، جيڪا انقلاب آڻڻ لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. سنڌي ميڊيا جون قربانيون ۽ ڪوششون فقط ساراهه جوڳيون نه آهن، پر اميدن جو هڪ نئون چراغ به آهن. سندن ڪوششن تي کين سلامي پيش ڪجي ٿو.

طارق راڄپر/ سڪرنڊ

ايڊووڪيٽ رحمان ڪورائي ۽ عامر نواز وڙائچ جهڙا نوجوان جڏهن سنڌ جي حقن لاءِ رستن تي نڪري اچن، ته محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي قوم جو شعور هاڻي جاڳي چڪو آهي. اهو منظر جڏهن سنڌ جي زمين تي ڌرڻو لڳي ٿو توڙي جو رحمان ڪورائي سان منهجو پراڻو دوستي وارو واسطو ملاقاتون  رهيون آهن ڌرڻي ۾ سندس محنتن محبتن سنڌ لاءِ ساھ ڏيڻ تي ان مان هن ڀيري خوشبو ئي ٻي اچي رهي هئي ڏسان پيو ته اتي اجرڪن جي برسات ٿئي ٿي، ۽ سڀني هٿن ۾ صدائن جا بينر، ته دل خود بخود داد ڏئي ٿي ته ها! سنڌ جا سجاڳ پٽ ڌرتيءَ جي رکوالن جي ڪردار کي نئين سر نڀائي رهيا آهن.

رحمان ڪورائي جڏهن ڪراچي جي بار اسوسيئيشن ۾ جنرل سيڪريٽري لاءِ چونڊ ۾ نڪتو، ته هڪ نئين اميد جنمي. ايڊووڪيٽ رياض ڪورائي جي گفتگوءَ مان به اها ساڳيو اُتساهه ليکجي رهيو هو، ته هاڻي سنڌ جا نوجوان صرف عدالتن جي ٿڌڙين ديوارن تائين محدود نه آهن، پر ٻاهران ٿيندڙ ظلمن خلاف به ڀرپور مزاحمت جو نالو بڻجي ويا آهن. جڏهن عامر نواز وڙائچ صدر، ۽ رحمان ڪورائي جنرل سيڪريٽري چونڊجي آيا، ته انهن جي ڪاميابيءَ نه صرف بار ۾ انقلاب آندو، پر ان سان گڏ سياسي شعور، قومي عزت ۽ قومي اثاثن جي بچاءَ لاءِ پڻ هڪ اهم ڪردار نڀايو. ڪنهن دور ۾ بار جي سياست صرف سيٽن، گاڏين، ۽ ڪيسن تائين محدود هئي، پر هاڻ اها سياست قومي حقن جي وڪالت بڻجي وئي آهي. ٻٻرلوءِ ڌرڻي سان انهن نوجوانن فقط آواز نه اٿاريو، پر سموري سنڌ جي دلين ۾ هڪ نئون حوصلو پيدا ڪيو. انهن ٻڌائي ڇڏيو ته سنڌي نوجوان هاڻ اڻڄاڻ نه آهن، پر هو ڄاڻن ٿا ته ظلم ڪٿي ٿي رهيو آهي، ۽ ان جو مقابلو ڪيئن ڪرڻو آهي. ڌرڻي ۾ رحمان ڪورائي جو ڪردار رڳو ايڪشن ڪميٽي جو ڪنوينر هئڻ تائين محدود نه هو، پر هو سنڌي شعور جي جهنڊي وانگر رهيو، عامر وڙائچ ۽ رحمان ڪورائي جيئن نوجوانن تي جڏهن اجرڪ جا انبار پيا، ته اهو فقط هڪ ثقافتي اظهار نه، پر قرباني ۽ جدوجهد جو اعزاز هو. سنڌ انهن نوجوانن جي جدوجهد کي فقط ڏٺو نه، پر ڀرپور ساٿ به ڏنو ــ ڪو پاڻي، ڪو ماني، ڪو کاڌو ــ هر ڪنهن هٿ ۾ هو، بنا حساب، بنا سوال، فقط سنڌ جي نالي تي. هي نوجوان حقيقي معنيٰ ۾ "حسيني ڪردار” آهن، جيڪي حق جي راهه تي بي خوف هلن ٿا. سنڌ جي انهن سورمن کي سلام ۽ سندس اڻٿڪ جدوجهد کي امر لفظن ۾ محفوظ رکڻ جي ذميواري، هاڻي اسان سڀني جي آهي.

ڪامران ڪورائي/دادو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.