ڀارتي قبضي واري جموں ۽ ڪشمير جي پهلگام علائقي ۾ تازا پرتشدد واقعا سڄي علائقي ۾ پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويا آهن. هن افسوسناڪ حملي ۾ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو ويو. ان کان پوءِ فوري طور تي بنا ڪنهن مضبوط ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳائڻ وارو ڀارتي رويو صرف افسوسناڪ نه، بلڪه متوقع به آهي، جيڪو علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي.اهو نئون واقعو ناهي ته ڀارت اندروني ناڪامين کي ظاهر ڪرڻ بدران هر دفعي پاڪستان کي مجرم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري "سرحد پار لاڳاپن” جو ذڪر ڪرڻ ذريعي عوامي جذبات کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بنا ڪنهن ثبوت جي اهڙو بيان زميني حقيقتن کي ڌڪ رسائڻ جهڙو آهي.
حقيقت اها آهي ته ڪشمير کي صرف هڪ سلامتي وارو معاملو قرار ڏئي، ڀارت اتي جي ماڻهن جي جائز سياسي امنگن کي نظرانداز ڪيو آهي. ڀارتي سرڪار جي ظلم ۽ ڏاڍ وارن عملن، طاقت جي استعمال ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي اهي سبب آهن جن ڪري اتي عدم استحڪام وڌي رهيو آهي. متاثر ٿيل خاندانن جا سوال اڃا تائين جواب طلب آهن، پر ڀارت مسلسل ٻاهرين هٿ جو الزام مڙهي پنهنجي ناڪامين تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
2019ع ۾ آرٽيڪل 370 جي منسوخي کان پوءِ مزاحمتي گروپن جهڙوڪ NRF کي جنم مليو. آرٽيڪل 370 جو خاتمو صرف ڪاغذي قدم نه هو، پر ڪشميرين سان ٿيل عالمي واعدن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي کلي ڀڃڪڙي پڻ هئي. پر اهو آرٽيڪل 370 جي منسوخي خلاف ڪشميرين جي انساني ۽ عوامي احتجاجي ردِ عمل طور وجود ۾ آيو.ان کان علاوه، ڀارت جي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڌمڪي، سفارتي لاڳاپن ۾ وڌندڙ اڳرائي سرحد جي بندش انتهائي خطرناڪ قدم آهن.
سنڌ طاس معاهدو 1960ع ۾ عالمي بينڪ جي نگرانيءَ هيٺ طئي ٿيو هو، جيڪو وسرڻ وارو ناهي. جيڪڏهن ڀارت پاڻي کي حربو بڻائيندو، ته اهو علائقي ۾ تباهي آڻيندو.ڀارت جي اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ بحران پيدا ڪرڻ جي روايت جاري آهي. هندوتوا واري شدت پسندي جو ڦهلاءُ، مسلمانن ۽ ٻين اقليتن خلاف تشدد داخلي امن لاءِ وڏو خطرو آهي. دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته اهڙا قدم صرف انتشار پيدا ڪن ٿا.پاڪستان جو موقف واضع آهي: اسان امن چاهيون ٿا، پر ان کي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي. پهلگام حملي بعد به پاڪستان متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردي جي مذمت ڪئي. پر ڪنهن به بنا ثبوت واري الزام هيٺ نه جھڪنداسين. اسان جي هٿياربند فوج جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن.هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڀارت طاقت جي استعمال بدران سنجيده ڳالهين لاءِ تيار ٿئي، گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪري ۽ ڪشميرين جي جائز امنگن جو احترام ڪري. صرف اهڙي رويي سان ئي علائقائي امن ۽ استحڪام ممڪن ٿي سگهي ٿو۔