سکر(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مودي سرڪار کي واضح پيغام ڏنو آهي، ان جو چوڻ آهي ته مودي ٻڌي ڇڏي، سنڌو درياهه اسان جو آهي، هن ۾ يا ته اسان جو پاڻي وهندو، يا انهن جي رت وهندي، اسان ڀارت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ اسان جي فوج ڀارت کي سخت جواب ڏيندي.
سکر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل ڪشمير ۾ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو، ته ڀارت پاڪستان تي الزام هڻي ڇڏيو، مودي پاڪستان تي ڪوڙا الزام هنيا آهن.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ طئي ٿيو آهي ته نوان ڪينال عوام جي رضا مندي کانسواءِ نه ٺاهيا ويندا، سڀني صوبن جي رضامندي کانسواءِ ڪو نئون ڪينال ناهي ٺهي سگھندو، طئي ٿي ويو آهي ته توهان جي مرضي کانسواءِ ڪو نئون ڪينال نه ٺهندو.
پي پي پي چيئرمين چيو ته سنڌ پنهنجا اعتراض گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکيا آهن، سنڌ حڪومت جولاءِ کان پاڻي جي معاملي تي اعتراض ڪري رهي آهي.