پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان ذهني مسئلن جو شڪار، ڪرڪيٽ کان وٿي!

پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ندا ڊار ذهني صحت جي مسئلن سان منهن ڏيڻ لڳي.

ندا ڊار ذهني صحت جي مسئلي جي ڪري ڪرڪيٽ کان وٿي وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هن پنهنجي سوشل ميڊيا تي ان جو اعلان ڪيو آهي۔

ندا ڊار چيو ته "گذريل ڪجهه عرصي کان منهنجي ذات ۽ پيشي جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ٿيو، جنهن سبب منهنجي ذهني صحت تي وڏو اثر پيو آهي.

هن چيو ته انهيءَ ڪري مان ڪرڪيٽ کان وٿي وٺي رهي آهيان ته جيئن پنهنجي ذهن ۽ جسم تي ڌيان ڏئي سگهان، ۽ درخواست آهي ته منهنجي ذاتيات جو خيال رکيو وڃي.

واضح رهي ته اڳوڻي ڪپتان ندا ڊار کي آءِ سي سي ويمن ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر لاءِ ڪيمپ ۾ گهرايو ويو هو، جتي سندس جو فٽنس ٽيسٽ ورتو ويو ۽ فٽنس جي بنياد تي کيس ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو.

فيض آباد ۾ لڳايل ڪيمپ ۾ ندا ڊار شامل نه ٿي، جڏهن ته کيس نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ کيڏڻ لاءِ چيو ويو، پر هن ڊوميسٽڪ ٽورنامنٽ ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪرڪيٽ کان وٿي وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.