ڀارتي جنگي جهاز، پنهنجي ئي علائقي ۾ خطرناڪ پرزو ڪيرائي وڌو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ ڀارتي هوائي جهاز کان هڪ ڳرو ڌاتوئي پرزو ڪرڻ سبب هڪ رهائشي گهر کي سخت نقصان پهتو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب پوليس واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته اهو واقعو جمعي جي صبح تقريباً 11 وڳي پيش آيو.

پوليس ۽ مقامي ماڻهن موجب ڌاتوئي شيءَ هڪ گهر جي ڇت تي ڪري، جنهن سبب ٻه ڪمرا مڪمل طور تي تي ڊهي پيا. جڏهن ته ملبو ويجھي گاڏي تي پڻ ڪري پيو.

ڌماڪي سبب گهر جي ڇت ٽٽي وئي ۽ صحن ۾ تقريباً 8 کان 10 فوٽ وڏو کڏو پئجي ويو، جڏهن ته پرزو ڪرڻ سان ويجهن گهرن ۾ پڻ لوڏا آيا. جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.

ڀارتي فضائيا واقعي تي ردعمل ڏيندي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڀارتي هوائي جهاز اڄ شيوپوري جي ڀرسان هڪ گهر کي پهچندڙ نقصان تي افسوس جو اظهار ڪري ٿي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو واقعو هڪ غير ڌماڪي پرزي جي حادثاتي طور تي ڪرڻ سان پيش آيو. ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.