ڀارت ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ هٿيار ڏيندو آهي: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پڪا اطلاع مليا آهن ته ڀارت پابندي پيل ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي.

نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڀارت پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ هٿيار ڏئي رهيو آهي ته جيئن پنجاب، سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ دهشتگردي جي لهر پکڙجي وڃي.

خواجا آصف چيو ته پهلگام حملي ۾ جنهن تنظيم جو نالو ورتو پيو وڃي، ان کي ڪو به نٿو ڄاڻي، پلواما ۽ سکن جي قتل ۾ به اهڙي ئي ڊمي تنظيم جو نالو سامهون آيو هو.

هن وڌيڪ چيو ته هي ڀارت جا انٽيليجنس اهلڪار آهن، جيڪي قتل عام ۾ ملوث آهن، اسان ڪراچي کان گلگت تائين هاءِ الرٽ رهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.