حيدرآباد: صبح کان شام تائين سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير ڄام خان شورو، پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙو ۽ ٻين اڳواڻن ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارنسان گڏجي جلسي جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو.
-
مختلف ضلعن مان جيالن جا قافلا ھٽڙي باءِ پاس پھتا
حيدرآباد: پيپلز پارٽي جي جلسي ۾ سج لٿي کانپوءِ ڪارڪنن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو، ڪراچي، حيدرآباد ڊويزن، ميرپورخاص ڊويزن، نوابشاھ ڊويزن سميت ٻين ضلعن مان جيالن جا قافلا گاڏين وسيلي ھٽڙي باءِ پاس تي جلسي گاھه ۾ پھتا.
-
اسٽيج کي ڪنڊيدار تارن سان سيل ڪيو ويو، واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا
حيدرآباد: جلسي ۾ مک اسٽيج کي ڪنڊيدار تارن سان سيل ڪيو ويو ھو، جتي قيادت جي داخل ٿيڻ لاءِ الڳ سان واڪ ٿرو گيٽ لڳايو ويو ھو، جتان پيپلزپارٽي جي ڳواڻن کي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي، جڏھن ته جلسي ۾ ماڻھن جي داخلا لاءِ پڻ 4 واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا ھئا. جتان اھلڪار تلاشي بعد ماڻھن کي جلسي گاھ اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي رھيا ھئا، جڏھن ته جلسي گاھه ۾ پ پ قيادت جي تصويرن جا وڏا وڏا پينا فليڪس پڻ لڳايا ويا ھئا.