عمرڪوٽ ننڍي چونڊ ۾ هدايتون اچڻ کانپوءِ نتيجا تبديل ٿيا

لاهور (جهانگير منهاس) عمرڪوٽ جي ضمني اليڪشن عمران خان ٻيهر کٽي ويو، نتيجا تبديل ڪري ٻيهر فارم 47 واريحڪومت ٺاهي وئي. سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کي فارغ ڪري ڇڏيو ۽ پي ٽي آءِ اميدوار کي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو ڪامياب آهي. چيو ويندو هو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي وارث آهي ۽ حقن جي وارث آهي اها ڳالهه به وائکي ٿي وئي. 25 پولنگ اسٽيشن جا نتيجا اچڻ تائين پي ٽي آءِ اميدوار کي 16 کان 28 هزار جي ليڊ هئي ۽ پوءِ هدايتون اچي ويون، اليڪشن ڪميشن پوءِ مرضي جا نتيجا ڏيڻ شروع ڪيا. لال مالهي جي ليڊ جي ابتڙ صبا ٽالپر کي ليڊ ملڻ شروع ٿي وئي. آخر تائين جيڪي نتيجا هئا ان ۾ پي ٽي آءِ اميدوار جي 40 کان 50 هزار جي ليڊ هئي. ان کان اڳ عمرڪوٽ ۾ جيڪو جلسو ٿيو هو اهو تاريخي هو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ گڏيل پارٽين پاران شرڪت ڪئي وئي هئي. ڇو ته هو ڪئنالن جي معاملي تي احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ پيپلزپارٽي ڪئنالن جي معاملي تي عوام سان گڏ نه هئي. اهو ئي سبب آهي جو پي ٽي آءِ اميدوار جي حمايت ۾ وڏي پئماني تي جلسو ٿيو.

عمرڪوٽ ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف لال مالھي جي سڏ تي جزوي هڙتال

عمرڪوٽ (ڊر) مبينا ڌانڌلي خلاف لال مالھي جي سڏ تي عمرڪوٽ شھر ۾ جزوي هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته لال مالھيپنھنجي اتحادين ارباب ابراھيم، فقير غلام قادر منڱريو، فقير غلام حيدر منڱريو، حاجي ساند، لجپت سوراڻي، عمران علي، غلام نبي منڱريو، گل بجير سميت ٻين سان گڏ پريس ڪلب عمرڪوٽ پُھچي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته تڪ اين اي 213 تي اخلاقي جيت اسان جي ٿي آھي پر حڪومتي مشينري استعمال ڪري ڌانڌلي ڪئي ويئي آھي، ڪامياب ٿيل اميدوار پاڻ مايوس آھي، جڏھن ته پ پ جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي پوليس فورس سان گڏ پولنگ اسٽيشنن تي وڃي ووٽرن کي هرسان ڪيو، اليڪشن ڪمشنر چيف سيڪريٽري کي خط لکيو ھو ته چونڊ عمل ۾ سرڪاري مداخلت ٿي رھي آھي، اسان جو اڳتي لائحه عمل اھو آھي ته اسان پولنگن تي ٿيل ڌاندلي جا ثبوت گڏ ڪري رھيا آھيون، ان بعد اليڪشن ڪميشن يا ٻي ڪنھن فورم تي درخواست داخل ڪنداسين، آئون پير پاڳارا جي جماعت، غوثيه جماعت، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي، ايس ٽي پي سميت ٻين قومپرستن سنڌ جي شعور جو ٿورائتو آھيان جيڪي چونڊ مھم دوران مون سان گڏ ۽ رابطي ۾ رھيا ۽ ڀرپور مدد ڪئي.

ووٽ نه ڏيڻ تي وڏيري پورهيتن کان دڪان خالي ڪرائي ڇڏيا

عمرڪوٽ: اليڪشن جي ٻئي ڏينھن ڳوٺ جي وڏيري يوسي جي وائيس چيئرمين آفتاب ابڙو پاران مبينه انتقامي ڪاروائيڪندي صاحبن جي ڳوٺ جي پولنگ تي ڀيل برادري پاران ووٽ نه ڏيڻ تي مختلف شين جون دڪان ھلائيندڙ اشوڪ ڪمار، رميش ڪمار ڀيل جو نائي جو دڪان ۽ ٽائر پنڪچر جا دڪان زبردستي خالي ڪرائي ڇڏيا، ان بعد حر جماعت جي نوجوانن دلدار مھر، ولي محمد مھر  ۽ ٻين پُھچي ڀيل برادري جي خالي ڪرايل دڪاندارن کي پنھنجي دڪانن ۾ جاءِ ڏيئي ڇڏي، ھنن چيو ته اسان ھر ڏکئي وقت ۾ اوھان سان گڏ آھيون.

صبا ٽالپر هڪ لک 61 ھزار 934 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي: آر او

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي جي قومي اسيمبلي واري تڪ اين اي 213 تي پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي بعد ٿيل ننڍي چونڊ جي حوالي سان ڪالھه رٽرننگ آفيسر رجب سٺيو طرفان فارم 47 تحت ٿيل چونڊ جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آھن جنھن موجب اين اي 213 تي ٿيل ننڍي چونڊ جي 498 پولنگ اسٽيشن جي نتيجن مان پيپلزپارٽي اميدوار صبا ٽالپر 1 لک 61 ھزار 934 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏھن ته جي ڊي اي ۽ درياھ بچايو تحريڪ جي آزاد اميدور لالچند مالھي 81 ھزار 160 ووٽ کڻي سگھيو، اھڙي ريت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار محمد عمر جان سرھندي 3 ھزار 653 ووٽ ۽ متحده قومي مومينٽ جي اميدوار لالچند ولد ميرو ڀيل 1701 ووٽ حاصل ڪيائين ۽ ٽوٽل 18 اميدوارن جا فارم بحال ٿيل ھئا جڏھن ته فارم 47 موجب خارج ووٽن جو انگ 10 ھزار 71 آھي، واضح رھي عمرڪوٽ جي قومي اسيمبلي واري تڪ تي پھريون ڀيرو پ پ جي نامزد اميدوار صبا ٽالپر ھن تڪ تي پھرين عورت اميدوار طور ڪاميابي ماڻي آھي،

لال مالهي کان اسان جي هڪ ڪائونسلر جي حيثيت وڌيڪ آھي: حاجي شڪيل

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) ٽائون ڪميٽي ڪنري جي چيئرمين ۽ نواب تيمور ٽالپر جي ويجھي ساٿي حاجي شڪيلباجوا، وائيس چيئرمين شيوانند سنڌي، ڪائونسلرن زيب امجد، عمران ايف ايم، سيد منظور شاھ سميت ڪائونسلرن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان لال مالهي کي سياسي حريف نٿا سمجهون، اسان جڏھن کيس مناظري جو چئلينج ڪيو ته لال مالهي مناظري کان لنوائي ويو، لال مالهي جي حيثيت کان اسان جي هڪ ڪائونسلر جي حيثيت وڌيڪ آھي، هن چيو ته اسان جي مخالف لال مالهي کي مليل 20 هزار ووٽ ڄام ميمڻ جي خدمتن سبب مليا، لال مالهي کي ڪير نٿو پڇي، لال مالهي جي مختلف ڪارڊ کيڏڻ جي نتيجي ۾ عوام کيس رد ڪيو، ھن وڌيڪ چيو ته نواب يوسف اسان کي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ سيکاري، اسان کي اندازو هو ته لال مالهي کي 300 ووٽ ملندا پر اسان جي عوامي خدمت ۾ ڪا ڪوتاهي هجڻ سبب کيس وڌيڪ ووٽ مليا آھن، ان موقعي تي پ پ سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر منصور باجوا، آصف آرائين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا جڏھن ته پ پ اميدوار جي جيت تي جشن ڪري مٺايون ورهايون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.