اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ زلزلي جا ڌوڏا، شدت 5 ڏهائي 9 رڪارڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهري خوف وچان گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.
زلزلي ماپ مرڪز موجب، زلزلي جي شدت رڪٽر اسڪيل تي پنج ڏهائي نوَ ۽ اونهائي 69 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جا جھٽڪا سرينگر ۽ افغانستان جي شهر جلال آباد تائين محسوس ڪيا ويا.
ٻئي پاسي، پنجاب جي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي ) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته زلزلي جي شدت 5.9 جڏهن ته اونهائي 94 ڪلوميٽر هئي ۽ ان جو مرڪز افغانستان ۽ تاجڪستان جي سرحد هو.
واضح رهي ته هلندڙ هفتي دوران ٻيو ڀيرو پاڪستان جي مٿي ڄاڻايل علائقن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
ان کان اڳ 12 اپريل تي به اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف شهرن ۾ 5 ڏهائي 5 جو زلزلو آيو هو.
پي ڊي ايم اي طرفان في الحال ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي مليو، زلزلي جي آفٽر شاڪ کان بچاءَ لاءِ مشينري ۽ عملي کي الرٽ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.