سنڌ پنجاب جي سرحدي دنگ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻو، ٽريفڪ بيهجي وئي

گڊو(رپورٽ: بيورڪ خان لنجواڻي) ڪشمور ڊسٽرڪٽ بار جي صدر عبدالغني بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ سنڌ پنجاب جي سرحدي دنگ ڊيرا موڙ تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو رات دير تائين جاري رهيو، ڌرڻي ۾ وڪيل برادري سان گڏ جي يو آءِ، ايس ٽي پي، جيئي سنڌ قومي محاذ، ايس يو پي، پي ٽي آءِ سميت مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي عبدالغني بجاراڻي، آفتاب چنه، نصرالله سولنگي، غلام مصطفيٰ جکراڻي، محمد اڪرم، عبدالنبي بروهي، صوفي بشير احمد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاق طرفان سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جاري آهي، ڪڏهن گيس، ڪڏهن ڪوئلو ته ڪڏهن پاڻي جهڙي حياتي بخش نعمت تان سنڌ کي محروم ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.