ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته اسرائيل فلسطين مسئلي جو واحد ۽ پائيدار حل آزاد فلسطيني رياست جو قيام آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، روسي صدر ماسڪو ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻن ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ٻه طرفي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.
ان موقعي تي قطر جي امير شيخ تميم اسرائيل فلسطين تڪرار بابت ڳالهائيندي چيو ته آزاد فلسطيني رياست جي قيام کانسواءِ امن ممڪن ناهي.
روسي صدر ولاديمير پيوٽن به زور ڀريو ته فلسطين جي آزاد ۽ خودمختيار رياست جو قيام ئي هن تڪرار جو واحد مستقل حل آهي.
ان کانسواءِ ٻنهي اڳواڻن شام کي هڪ آزاد، خودمختيار ۽ متحد رياست بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي پڻ اتفاق ڪيو.