” 14 ورهين جي عمر ۾ جنسي طور هراسان ڪيو ويو“ ڀارتي اداڪار جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي اداڪار عامر علي 14 ورهين جي عمر ۾ جنسي طور هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران عامر علي پاڻ سان ننڍي عمر ۾ پيش آيل ڀوائتي واقعي بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
عامر علي ٻڌايو ته ” مون کي 14 سالن جي عمر ۾ ٽرين جي سفر دوران جنسي طور هراسان ڪيو ويو هو ۽ اِهو ئي سبب آهي جو مون ريل ۾ جو سفر ڪرڻ ڇڏي ڏنو. “
اداڪارا چيو ته ” اِهو تجربو ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ هو جنهن منهنجي سفر جي خواهش کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو، 14 سالن جي عمر ۾ مون پهريون ڀيرو ٽرين جو سفر ڪيو هو، جتي مون کي هراسان ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته ” ان واقعي کانپوءِ ڪجهه دوستن منهنجي مدد ڪئي جنهن کانپوءِ مون کي احساس ٿيو ته ماضيءَ جي تجربي سبب فيصلائتو نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.