ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي وڌندڙ لهر دوران، جتي عام ماڻهون لاءِ ٻن ويلن جي جو بندوبست ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، اتي پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ به وڏي جدوجهد بڻجي چڪو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت طرفان تعليم سڀني لاءِ ممڪن بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، تعليم کاتي صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ بُڪ بئنڪ قائم ڪري ڇڏيا آهن، جن جو مقصد اهڙن ٻار کي اتساهڻ آهي جيڪي پنهنجا پراڻا استعمال ٿيل درسي ڪتاب کي ٻين شاگردن لاءِ عطيو ڪن ٿا.
نه رڳو سرڪاري پر ڪيترن ئي نجي اسڪولن ۾ به بُڪ بئنڪ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جتي گذريل سالن جا پراڻا نصابي ڪتاب وڏي انگ ۾ جمع ڪيا ويا آهن، جيڪي هاڻي ضرورتمند شاگردن تائين مفت فراهم ڪيا ويندا.
ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت پاران مفت نصابي ڪتابن جي ورڇ پڻ جاري آهي، جنهن جي پهرئين مرحلي ۾ پرائيمري سطح تي ۽ ان کان پوءِ سيڪنڊري سطح تي ڪتاب ورهايا ويندا.
You might also like