طوفاني برساتن، ڳڙي ۽ آنڌاري جي اڳڪٿي، وارننگ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز برسات ۽ ڪجهه جڳهن تي ڳڙي جو امڪان آهي.
اسلام آباد، راولپنڊي سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ شديد موسمي صورتحال جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اٽڪ، چڪوال، گجرات ۽ جهلم ۾ آنڌاري، طوفان ۽ ڳڙي جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، فيصل آباد، حافظ آباد، جهنگ، خوشاب ۽ ميانوالي ۾ پڻ سخت موسمي صورتحال جو امڪان آهي، جڏهن ته لاهور، نارروال، ساهيوال، سرگوڌا ۽ شيخوپورا لاءِ به الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
اين ڊي ايم اي شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
ٻئي پاسي، خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ 48 ڪلاڪن دوران برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، برفباري سبب جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ برفاني ڇپون ڪري سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.