لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ اونهاري جون موڪلون پهرين جون کان شروع ٿيڻ جو شيڊيول طئي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌندڙ گرمي ۽ هيٽ ويو جي خطري سبب موڪلون طئي ٿيل وقت کان اڳ ڏيڻ جو امڪان آهي، جنهن بابت حتمي فيصلو وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ڪندي.
اسڪول ايجوڪيشن کاتي طرفان وزيراعليٰ کان منظوري طلب ڪئي وئي آهي ته صوبي ۾ شديد گرمي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي موڪلون اڳواٽ شروع ڪيون وڃن.
تعليم کاتي جي سيڪريٽري خالد نذير وٽو جو چوڻ آهي ته هيٽ ويو جي خطري سبب اونهاري جون موڪلون وقت کان شروع ڪرڻ جو امڪان آهي، پر ان سلسلي ۾ حتمي فيصلو وزيراعليٰ مريم نواز ڪندي.
ياد رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ به صوبي ۾ وڌندڙ گرمي سبب اسڪولن جا وقت مختصر ڪيا ويا هئا.
You might also like