ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ)) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو آهي ته اسان کان سنڌو درياهه ۽ ڌرتي کسڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪرڻ تي اسان سنڌ جي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيو، پر اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪي آئين ٽوڙين ٿا اهي ملڪ دشمن آهن.
عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڪئنالن خلاف وڪيلن جي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو راوي، ستلج، بياس، چناب، جهلم سميت سمورين ندين ۾ اسان سنڌ وارا ڀائيوار آهيون.
هن چيو ته هي جنگ پنهنجي درياهه، ڌرتي ۽ وجود بچائڻ جي جنگ آهي. سنڌ جو عوام سنڌو درياهه تي ڪوبه ڪئنال ۽ ڊيم قبول نه ڪندو ۽ پنهنجي درياهه ۽ ڌرتي کي بچائڻ لاءِ آخري حد تائين وڙهنداسين.
ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، عوامي تحريڪ سنڌياڻي تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي قيادت سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شريڪ آهن.
درياهه ۽ ڌرتي لاءِ احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون مليون، اصل ملڪ دشمن آئين ٽوڙيندڙ آهن: وسند ٿري
You might also like