پرڏيهي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسٽار ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ بالي ووڊ اداڪارائن جي ڀوري چمڙي ۽ فٽنيس جو راز بليڪ واٽر ۾ لڪِل آهي.
رپورٽن موجب، مشهور ڪرڪٽر ويرات ڪوهلي، بالي ووڊ اداڪارا گوري خان، ملائيڪا اروڙا ۽ فلمساز ڪرن جوهر سميت ڪيئي مشهور شخصيتن بليڪ واٽر واپرائي رهيون آهن.
بليڪ واٽر ڇا آهي ۽ ان جو استعمال ڇو اهم آهي؟
بليڪ واٽر هڪ قسم جو پاڻي آهي جيڪو جسم لاءِ ضروري معدني مواد ۽ اليڪٽرولائٽس سان ڀرپور آهي. عام پاڻي جي پي ايڇ ليول 6 کان 7 جي وچ ۾ هوندو آهي، جڏهن ته الڪليئن پاڻي يعني بليڪ واٽر جو وي ايڇ ليول 7 کان وڌيڪ هوندو آهي.
هن هائيڊريشن واٽر جو ڪارو رنگ ڌرتيءَ جي تهن مان حاصل ٿيندڙ ضروري معدنيات ۽ فلوڪ ايسڊ مان حاصل ٿئي ٿو، جيڪي آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ هڪ ناياب ذخيرو ۾ موجود آهن، جڏهن انهن معدنيات کي پاڻي ۾ گڏايو ويندو تڏهن اهو پاڻي فطري طور تي ڪارو ۽ الڪليئن بڻجي ويندو آهي.
ڪاري پاڻي جو مُلهه ڇا آهي؟
سال 2023ع ۾ شائع ٿيل هڪ رپورٽ موجب، بليڪ واٽر جي هڪ بوتل جي قيمت 4200 رپيا هئي.
بليڪ واٽر جا فائدا
رپورٽن موجب، بليڪ واٽر استعمال ڪرڻ سان ميٽابولزم جو عمل تيز ٿي وڃي ٿو، اهو هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائي ٿو، تيزابيت کي گهٽائي ٿو ۽ مدافعتي قوت کي وڌائي ٿو. ان کانسواءِ اهو پاڻي پوڙهائپ جي اثرن گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
بليڪ واٽر ۾ موجود الڪليئن جسم جي تيزابيت ۽ زهريلو مواد ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
ٻئي پاسي بليڪ واٽر ۾ ميگنيشيم ۽ ڪيلشيم جهڙا معدنيات وڏي مقدار ۾ موجود آهن، جيڪي جسم جو گرمي پد برقرار رکڻ ۽ جسم جي مختلف حصن ۾ معدنيات ۽ لوڻاٺ جو توازن قائم رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا.