ستونجاهه سالن جي ارباز خان ۽ شورا جي گهر ننڍڙو مهمان اچڻ وارو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ۽ فلمساز ارباز خان ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ شورا خان جي گهر پهرئين ٻار جي آمد جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ارباز ۽ شورا کي هڪ ميٽرنيٽي ڪلينڪ مان نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو.
وائرل وڊيو ۾ ارباز جي هٿ ۾ هڪ فائل پڻ هئي، وڊيو جي ڪيپشن لکيو ويو ته ارباز ۽ شورا جي هتي پهرئين ٻار جي آمد امڪان آهي.
ٻئي پاسي جوڙي طرفان اهڙي قسم جي خبرن تي ڪنهن به قسم جو ردعمل ظاهر ناهي ڪيو ويو.
ياد رهي ته ارباز خان 24 ڊسمبر 2023ع تي شورا خان سان ممبئي ۾پنهنجي ڀيڻ ارپيتا جي گهر ۾ شادي ڪئي هئي، ان موقعي تي اداڪار جي گهرڀاتين سميت ويجهن دوستن شرڪت ڪئي هئي.
ارباز خان جي شورا سان ٻي شادي ڪئي هئي، ان کان اڳ ۾هو 1998ع ماڊل، اداڪارا ۽ ڊانسر ملائيڪا اروڙا سان لائنون لهي چڪو هو، جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي، جڏهن ته ٻنهي جي شادي 2017ع ۾ طلاق تي ختم ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.