اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انڊس ريوَر سسٽم اٿارٽي (ارسا) صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ بابت پنهنجن فيصلن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.
ارسا جي ترجمان موجب، صوبن کي پاڻي جي ورڇ بابت اٿارٽي جو اجلاس چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صوبن کي پاڻي جي ورڇ جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي خطن جو به جائزو ورتو ويو.
ترجمان وڌيڪ چيو ته اٿارٽي پنهنجي سڀني فيصلم تي مڪمل اعتماد ڏيکاريو آهي ۽ چيو ته صوبن کي پاڻي جي ورڇ بابت سمورا فيصلا قانون موجب ڪيا وڃن ٿا.
You might also like