پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي ٽيم ملتان سلطان ۾ شامل ليگ اسپنر اساما مير ڏهين ايڊيشن ۾ بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پراميد آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ليگ اسپنر چيو ته ۾ پي ايس ايل لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي، ٽيم ڪراچيءَ جي ڪنڊيشن ۾ رکندي حڪمت عملي جوڙي آهي، اميد آهي ته مهم ڪامياب رهندي.
جڏهن اساما مير کان پڇيو ويو ته آخري ٽنهي ايونٽن ۾ لڳاتار فائنل هارائڻ کانپوءِ ان ڀيري ڪاميابي لاءِ ملتان سلطانز کي ڇا مختلف ڪرڻو پوندو؟
جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته هن دفعي فائنل ۾ آياسين ته ڪوشش هوندي آخري بال تائين ميچ نه وڃي، جيڪڏهن هن واري فائنل پڳاسين ته ٽائٽل ضرور کٽينداسين.
You might also like