اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي قانوني معاملن جي نبيري لاءِ خاص عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته تعليمي ادارن، روزگار ۽ ملڪيت جي معاملن ۾ به کين خاص سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ اوورسيز پاڪستانين لاءِ خاص عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ به هن سلسلي ۾ ڪم جاري آهي ۽ ٻين صوبن کي به اهڙين عدالتن تي ڪم ڪرڻ جو چيو ويو آهي. وزيراعظم موجب، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني وڊيو لنڪ ذريعي انهن عدالتن ۾ پيش ٿي سگهندا.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سڀني يونيورسٽين ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ٻارن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي، جڏهن ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ اِها ڪوٽا 15 سيڪڙو هوندي، جنهن تحت 3 هزار ٻارن کي داخلا ڏني ويندي. ان سان گڏوگڏ 5 هزار ٻارن کي مختلف هُنرن جي سکيا پڻ ڏني ويندي.
وزيراعظم ٻڌايو ته سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ عمر جي حد ۾ 5 سال جي رعايت ڏني وئي آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ آن لائن سيل ڊيڊ رجسٽريشن پڻ شروع ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ خاص آفيس ۽ بورڊ آف ريونيو ۾ خاص سيل به قائم ڪيو ويو آهي. ميرپور آزاد ڪشمير ۾ انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاءِ فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.
شهباز شريف چيو ته مارچ ۾ اوورسيز پاڪستاني چار ڏهائي هڪ ارب ڊالر جي رڪارڊ ناڻو موڪليو، جيڪي پاڪستان جي مجموعي ايڪسپورٽس کان وڌيڪ آهن، سڀ کان وڌيڪ ناڻو موڪلڻ وارن 15 پاڪستانين کي خاص ايوارڊز ڏنا ويندا.
هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي خدمتن جي اعتراف طور کين سول ايوارڊز پڻ ڏنا ويندا.
وزيراعظم چيو ته اڄ اسان جا پاڪستاني يورپ، آمريڪا، نار ملڪن سميت دنيا جي مختلف ملڪن مان هتي آيا، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني دنيا جي مختلف مُلڪن ۾ آباد آهن، سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جا سفير، اسان جي مٿي جو تاج آهن، جن طب، انجنيئرنگ ۽ ٻين شعبن ۾ نالو ڪمايو آهي، اڄ ملڪ جو 24 ڪروڙ عوام اوورسيز پاڪستانين کي سلام پيش ڪري ٿو.
وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ خاص عدالتن، تعليمي ڪوٽا ۽ ٻين سهولتن جو اعلان
You might also like