ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس 27 ڊمپر ڊرائيورن کي حراست ۾ ورتو،ڏنڊ

ڪراچي (رپورٽر) شاهراهه فيصل تي تيز رفتار ڊمپر جي فرار ٿيڻ کان پوءِ ٽريفڪ پوليس موقف اچي ويو آهي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه موجب ڊمپر ايسوسيئيشنجي واعدي جي ڀڃڪڙي تي ٽريفڪ پوليس جو آپريشن سڄي رات جاري رهيو، جنهن ۾ 27 ڊمپر کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ 142 تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ ڊرائيور کي به گرفتار ڪيو ويو، هن چيو ته شاھراع فيصل تي هڪ تيز رفتار ڊمپر جي وڊيو وائرل ٿي هئي، پيٽرولنگ آفيسر ڊمپر کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڊرائيور فرار ٿي چڪو هو،  سڀني ڊمپر ايسوسيئيشن کي فوري طور تي هن واقعي بابت هدايت ڪئي وئي ۽ ڊمپر ۽ ڊرائيور ٻنهي کي پوليس جي حوالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.